اليڪشن ڪميشن سنڌ جي سيڪيورٽي وڌائي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اليڪشن ڪميشن سنڌ جي آفيس ٻاهران سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي.

اليڪشن ڪميشن جي آفيس ٻاهران پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته  واٽر ڪينن به موجود آهن.

چونڊ نتيجا جاري ٿيڻ کان پوءِ امڪاني خطرن کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪميشن سنڌ جي آفيس جي مين گيٽ تي ڪنڊيدار تارون به لڳايون ويون آهن جڏهن ته ايس ايس پي ڏکڻ ساجد امير سدوزئي پاران اليڪشن ڪميشن سنڌ جي آفيس جو دورو ڪري سيڪيورٽي جو جائزو به ورتو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.