اين اي 119تان مريم نواز جي ڪاميابي به لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ۽ چيف آرگنائزر مريم نواز جي اين اي 119 تان ڪاميابي کي چئلينج ڪيو ويو.

مريم نواز جي ڪاميابي خلاف آزاد اميدوار شهزاد فاروق پاران لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي.

درخواست گذار شهزاد فاروق درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته پريزائيڊنگ آفيسرن فارم 45 ناهي ڏنو، ريٽرننگ آفيسر به نتيجو جوڙيندي نوٽيس ناهي ڏنو، ريٽرننگ آفيسر جي غير موجودگي ۾ نتيجو جوڙي جاري ڪيو ويو.

آزاد اميدوار درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته مريم نواز کان کٽي چڪو هيس پر ڌانڌلي ڪري هارايو ويو، عدالت ريٽرننگ آفيسر کي فارم 47 ٻيهر جوڙڻ جو حڪم ڏئي ۽ مريم نواز جي ڪاميابي ڪالعدم قرار  ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.