نواز شريف جي ڪاميابي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ جي قائد جي اين اي 130 تان ڪاميابي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.

پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا ڊاڪٽر ياسمين راشد پاران لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ ريٽرننگ آفيسر، اليڪشن ڪميشن سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.

ڊاڪٽر ياسمين راشد درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته نواز شريف فارم 45 موجب هارائي چڪو آهي، عدالت ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏئي ۽ فارم 47 جو نتيجو ڪالعدم قرار ڏئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.