حليم عادل شيخ  پاران چونڊ نتيجا سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ اين اي 238 جو چونڊ نتيجو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.

حليم عادل شيخ وڪيل علي طاهر معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي.

حليم عادل شيخ جي وڪيل بئريسٽر علي طاهر چيو ته فارم 45 موجب حليم عادل شيخ تڪ ۾ 71 هزار کان وڌيڪ ووٽ کنيا، فارم 47  ۾ نتيجن کي تبديل ڪري ايم ڪيو ايم اميدوار کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، اميدوار صادق افتخار کي 54 هزار ووٽن سان ڪامياب قرار ڏنو ويو.

حليم عادل شيخ جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته ايم ڪيو ايم اميدوار صادق افتخار کي ڪامياب قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.