خالد مقبول صديقي جي ڪاميابي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) متحدا قومي موومينٽ پاڪستان جي ڪنوينر  خالد مقبول صديقي جي چونڊن ۾ ڪاميابي کي چئلينج ڪيو ويو آهي.

اين 248 مان آزاد اميدوار ارسلان خالد سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ خالد مقبول صديقي جي ڪاميابي خلاف درخواست داخل ڪرائي آهي.

درخواست گذار درخواست ۾ وقف اختيار ڪيو ويو آهي ته فارم 45 موجب 65 هزار ووٽ کنيا، آر او فارم 47 ۾ ايم ڪيو ايم جي خالد مقبول صديقي کي ڪامياب قرار ڏنو، فارم 47 کي معطل ڪري نتيجو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.