مرڪز، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ پ پ کانسواءِ حڪومت نه ٺهندي: بلاول ڀٽو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مرڪز، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ پ پ کانسواءِ حڪومت نٿي ٺهي سگهي.
هڪ بيان ۾ پ پ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام چاهيون ٿا، پهرين مڪمل نتيجا سامهون اچن ان کانپوءِ سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي جو اجلا سڏائي اتفاق راءِ سان فيصلو ڪنداسين، فلحال ڪنهن به فيصلي جو اعلان ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهيان.
هن چيو ته جيڪو ٿيڻو هو ٿي چڪو، ملڪ جي مفاد ۾ آهي ته سياسي طور اتفاق پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.
سندس چوڻ هو ته هو اڪيلو ته حڪومت نه ٺاهي سگهندو، پر وفاق، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ پ پ کانسواءِ حڪومت نٿي ٺهي سگهي.
هن چيو ته آزاد اميدوار ڪهڙو فيصلو ڪن ٿا، ان تي به عوام جي نظر آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته سياسي عدم استحڪام جي حل کانسواءِ ٺهندڙ حڪومت عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي.
بلاول ڀٽو چيو ته اسان اسپتال، اسڪول، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت قائم ڪيا، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تي يقين رکان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.