عام چونڊن جي نتيجن موجب اتحادي حڪومت ٺهندي نظر اچي رهي آهي: نگران وزيرِاعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پارليامينٽ کي فيصلو ڪرڻو آهي ته حڪومت ڪنهن کي ڏيڻي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته جيڪا ڌر سادي اڪثريت ظاهر ڪندي حڪومت ٺاهيندي، پارليامينٽ کي فيصلو ڪرڻو آهي ته حڪومت ڪنهن کي ڏيڻي آهي.
سندس چوڻ هوته حڪومت جي بنيادي ذميواري عوام جو تحفظ ۽ سلامتي آهي، ملڪ دهشتگردي جي خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي، دهشتگردي جي ڪارروائي روڪڻ جو اثرائتو طريقو مواصلاتي ذريعن جي بندش آهي.
وزيراعظم چيو ته ٻن صوبن ۾ دهشتگردي وارن واقعن باوجود ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جو تناسب سٺو رهيو، عوام پاران غيرمعمولي حالتن ۾ وڏي انگ ۾ چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ مضبوط جهموريت جي عڪاسي آهي.
هن چيو ته آئين ۽ قانون پٽاندڙ سياسي پارٽين ۾ جهموري عمل ضروري آهي.
نگران وزير اعظم چيو ته عدالتي فيصلي اِهو واضح ڪري ڇڏيو ته سياسي جماعتن کي جهموري عمل مان گذرڻو پوندو، عدالتي فيصلي جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ جهموريت وڌيڪ فعال ۽ مضبوط ٿيندي، خواهش آهي ته حڪومت سازي وارو عمل جلد مڪمل ٿئي، هنيئر تائين جي نتيجن موجب هڪ اتحادي حڪومت ٺهندي نظر اچي رهي آهي، سياسي جماعتن کي گڏيل ڳالهين ذريعي هڪ نئين حڪومت جي جوڙجڪ ڪرڻي آهي، نئين حڪومت جي ڪاميابي لاءِ دعاگو آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.