چونڊن دوران  انٽرنيٽ جي بندش ڏکيائيون پيدا ڪيون: ڪامن ويلٿ مبصر گروپ جو سربراهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪامن ويلٿ مبصر گروپ پاڪستان ۾ چونڊن تي اليڪشن ڪيمشن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته اليڪشن عملي پروفيشنل طريقي سان ڪم ڪيو.

ڪامن ويلٿ مبصر وفد جي سربراهه ڊاڪٽر گڊلڪ جوناٿن اسلام آباد ۾ پريس بريفنگ ڪندي چيو ته اسان ۽ اسان جي نمائندن 2024ع جي اليڪشن جو مشاهدو ڪيو، اسان ڪراچي، ملتان، حيدرآباد، فيصل آباد جي پولنگ اسٽيشنز جو دورو ڪيو.

هن چيو ته پاڪستان ۾ 2024ع جون چونڊون سٺِي ماحول ۾ ٿيون، اي ايم ايس سسٽم بهترين ڪوششون هيون، ڪجهه واقعن کانسواءِ ووٽنگ سٺي ماحول ۾ ٿي، ڪجهه واقعا ٿيا جن ۾ باقاعدگيون نوٽ ڪيون ويون، هڪ وڏي پارٽي کي نشان کان محروم رکيو ويو جيڪو اڻ پڙهيل ووٽرن لاءِ ڏکيو هو.

ڊاڪٽر گڊلڪ جوناٿن چيو ته انٽرنيٽ جي بندش ڏکيائيون پيدا ڪيون، اسان اليڪشن ڪميشن جي ڪارڪردگي کي ساراهيون ٿا، اليڪشن دوران اهلڪارن جي شهادت تي افسوس آهي، ماڻهو وڏي انگ ۾ ووٽ وجهڻ لاءِ نڪتا، نوجوانن جو وڏو  انگ اليڪشن مهم لاءِ نڪتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.