نتيجن جي تياري ۽ اعلان چونڊن بابت مونجهارا پيدا  ڪيا: فافن جي رپورٽ

فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽورڪ (فافن) پاڪستان ۾ 8 فيبروري تي ٿيل عام چونڊن جي حوالي   شروعاتي مشاهدي جي رپورٽ پڌري ڪري ڇڏي.

فافن جي چيئرپرسن مسرت قديم پاران بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته 8 فيبروري تي ملڪ ۾ 5 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن ووٽ وڌو، شروعاتي نتيجن جي تياري ۽ اعلان منظم اليڪشن بابت مونجهارا پيدا ڪيا آهن، اليڪشن ڪميشن کي نتيجن تي اميدوارن جا خدشا جلد حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

فافن جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فافن چونڊن دوران پاڪستان ۾ 5664 مبصر مقرر ڪيا،ووٽر ٽرن آئوٽ 48 سيڪڙو رهيو، 28 سيڪڙو پولنگ اسٽيشنز تي آفيسرن فارم 45 جي ڪاپي مبصرن کي نه ڏني، آر او آفيس ۾ مبصرن کي وڃڻ نه ڏنو ويو، پولنگ اسٽيشنز تي شفافيت قائم رهي پر آر او آفيس ۾ شفافيت تي سوديبازي ٿي.

فافن رپورٽ موجب 16 لک بيلٽ پيپرز رد ٿيا گذريل ڀيري به ايترا ئي ٿيا هئا، 25 تڪن ۾ رد ٿيل ووٽن جو مارجن ڪاميابي جي مارجن کان وڌيڪ هو، 63 سيڪڙو پولنگ اسٽيشنز تي وڌيڪ ووٽرز هئا، ڪو به تڪ اهڙو نه هو جتي عورتن 10 سيڪڙو کان گھٽ ووٽ وڌو، اليڪشن ۾ 12 عورتون چونڊجي ويو، 8 آزاد اميدوار چونڊيا ويا جن کي ڪنهن به جماعت جي حمايت حاصل نه هئي.

فافن رپورٽ موجب سياسي جماعتن ووٽ بئنڪ قائم رکيو، ن ليگ ۽ پ پ جو ووٽ بئنڪ وڌيو آهي، پي ٽي آءِ جو ووٽ بئنڪ برقرار رهيو، تڪبندي جي عمل سان ڪافي اميدوار متاثر ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.