اڳوڻو وفاقي وزير شيخ رشيد اڊيالا جيل مان آزاد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد کي 9 مئي جي 12 ڪيسن ۾ ضمانت منظور ٿيڻ کان پوءِ اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي ڪيسن ۾ شيخ رشيد جي ضمانت منظور ڪئي هئي.

جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ شيخ رشيد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي ڪا خبر ناهي ته پاڪستاني سياست ۾ ڇا پيو ٿئي، چونڊ مهم ۾ حصو نه ورتو هو ان ڪري آئون هارايل آهيان.

هن چيو ته اهو منهنجو ٽيون چِلو آهي، سيل نمبر 15 ۾ هيس، خبر نه آهي ته ملڪ ۾ ڇا پيو ٿئي ۽ ڇا ٿيڻ وارو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.