سکر (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ناصر شاهه چيو آهي ته اسان جي ترجيح پي ٽي آءِ کانسواءِ ٻيا آزاد اميدوار هوندا.
سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪنهن جي ضرورت نه پوندي، پيپلز پارٽي ٻين جماعتن جي مينڊيٽ جو احترام ڪري ٿي.
هن چيو ته اڪثريت باوجود حڪومت سازي تي ٻين جماعتن سان ڳالهائينداسين، اسان کي به فارم 45 دير سان مليا جنهن تي ڳڻتي آهي، اسان جي ترجيح پي ٽي آءِ کانسواءِ ٻيا آزاد اميدوار هوندا.
ناصر شاهه چيو ته بئريسٽر گوهر سان به ڳالهه ٻولهه ٿيندي، اهي به هڪ جماعت آهن.