پي ٽي آءِ جو وفاق، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ حڪومت ٺاهڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي جون 170 سيٽون کٽڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر گوهر جو چوڻ هو ته پاڪستان تحريڪ انصاف 170 سيٽون کٽي چڪي آهي، فارم 45 موجب پي ٽي آءِ کي 170 سيٽن تي سرسي حاصل آهي، 170 مان 94 سيٽون اُهي آهن جن جي اليڪشن ڪميشن تصديق ڪئي آهي.

هن چيو ته پنجاب ۾ به 135 جي ويجهو سيٽون مليون آهن، پنجاب ۾ به تحريڪ انصاف حڪومت ٺاهيندي، ڪي پي جي 44 مان 39 اسان کٽيون آهن.

بئريسٽر گوهر خان چيو ته جن 50 سيڪڙو سيٽون به نه کنيون اهي چون پيا اسان حڪومت ٺاهينداسين، پي ٽي آءِ جي ڪاميابي تي سڄي قوم کي واڌايون پيش ڪريون ٿا، پاڪستان جي عوام اسان کي دل کولي ووٽ ڏنو آهي.

سندس چوڻ هو ته وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ اسان جو حق آهي، وفاق ۾ تحريڪ انصاف حڪومت ٺاهيندي، گذريل 2 سالن کان پي ٽي آءِ سخت ڏکيائين جو شڪار آهي، اڄ جمهوري تاريخ جو اهم ڏينهن آهي، جمهوريت لاءِ اسان پنهنجي جدوجهد جاري رکي، جمهوري حق وٺڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۽ عدالتن ۾ وياسين، اليڪشن ڪميشن ۽ عدالتن اسان کي ليول پليئنگ فيلڊ مهيا نه ڪئي، ليول پليئنگ فيلڊ ڏيڻ بدران چونڊ نشان به کسيو ويو، اسان کي عدالتن ۽ اليڪشن ڪميشن پاران چيو ويو ته اوهان کي ليول پليئنگ فيلڊ ملندي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ جو چوڻ هو ته اسان کي اڪثريت حاصل آهي صدر اسان کي ئي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏيندو، پنجاب جي عوام کي عوامي وڏو وزير ملندو،  اڄ رات 12 وڳي تائين سمورن نتيجن جو اعلان نه ٿيو  ته سڀاڻي احتجاج ڪنداسين، ڪارڪنن کي گذارش آهي ته احتجاج حق آهي پر اهو پرامن هجڻ گھرجي، جن تڪن ۾ نتيجا روڪيا ويا آهن اتي سڀاڻي پرامن احتجاج ڪنداسين، اڄ رات 12 وڳي تائين روڪيل نتيجن جو اعلان ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.