خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي سڀني 133 سيٽن جا نتيجا مڪمل

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي سڀني 133 سيٽن جا نتيجا مڪمل  ٿيا ويا.

اليڪشن ڪميشن موجب ڪي پي ڪي ۾ آزاد اميدوار سڀ کان اڳتي آهن جن 91 سيٽون کٽي ورتيون آهن جڏهن ته جي يو آءِ ٻئي نمبر تي آهي جنهن 8 سيٽون کڻيو آهن.

اليڪشن ڪميشن موجب ن ليگ 5، پ پ 4 ۽ جماعت اسلامي ڪي پي اسيمبلي جون سيٽون کٽيون جڏهن ته پي ٽي آءِ پارليامينٽيرين ۽ عوامي نيشنل پارٽي 1،1 سيٽ تائين محدود آهن.

واضح رهي ته ڪي پي ڪي جي ٻن سيٽن تي اميدوارن جي لاڏاڻي سبب اليڪشن نه ٿي سگھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.