ڊي آءِ خان: فائرنگ ۾ اَي ايس آءِ شهيد، جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا

ڊي آءِ خان ( ويب ڊيسڪ ) ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي مورگا حسن خيل ۾ فائرنگ سبب اَي ايس آءِ شهيد جڏهن ته جوابي فائرنگ ۾ ٽي دهشتگرد مارجي ويا.
پوليس موجب، اَي ايس آءِ دين محمد اليڪشن ڊيوٽي تان واپس اچي رهيو ته رستي ۾ اڻڄاتل دهشتگردن مٿس فائرنگ ڪري ڏني، واقعي کانپوءِ علائقي واسين سندن جو پيڇو ڪيو.
دهشتگردن موٽر سائيڪلن تي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته پوليس ۽ علائقي واسين جوابي ڪارروائي ڪندي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ٽي دهشتگرد مارجي ويا.
پوليس موجب، شهيد اَي ايس آءِ دين محمد جو مڙهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.