اين اي 130: ياسمين راشد، نواز شريف جي ڪاميابي کي چئلينج ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 130 لاهور تان مسلم ليگ نون جي قائد نواز شريف جي ڪاميابي کي چئلينج ڪيو ويو آهي.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد اميدوار ڊاڪٽر ياسمين راشد جي وڪيل اشتياق چوڌري لاهور هاءِڪورٽ ۾ نواز شريف جي ڪاميابي خلاف درخواست داخل ڪئي آهي.
درخواست ۾ ريٽرننگ آفيسرن ۽ اليڪشن ڪميشن سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي، درخاوست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نواز شريف فارم 45 موجب اليڪشن هارائي چڪو آهي.
ياسمين راشد پنهنجي درخواست ۾ الزام لڳايو آهي ته نواز شريف ڳٺ جوڙ سان فارم 47 ۾ پاڻ کي فاتح قرار ڏنو، عدالت فارم 45 موجب نتيجا جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.