اين اي 71 : خواجا آصف جي ڪاميابي خلاف ريحانا ڊار جو عدالت سان رابطو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اين اي 71 تان آزاد اميدوار ريحانا ڊار عام چونڊن ۾ نون ليگ جي اڳواڻ خواجا آصف جي ڪاميابي کي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.
عثمان ڊار جي ماءُ اين اي 71 سيالڪوٽ تان نون ليگ اڳواڻ خواجا آصف جي ڪاميابي ۽ فارم 45 جو نتيجو لاهور هاءِ ڪورٽ چئلينج ڪري ڇڏيو.
ريحانا ڊار طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته خواجا آصف ڳٺ جوڙ ڪري فارم 47 ۾ پاڻ کي فاتح قرار ڏنو، فارم 45 جا نتيجا اسان وٽ موجود آهن.
درخواست ۾ عدالت کان فارم 45 موجب نتيجا جاري ڪرڻ ۽ اليڪشن ڪميشن کي حتمي نتيجا جاري ڪرڻ کان روڪڻ استدعا ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.