نوَ مئي سانحو، اڳوڻو گهرو وزير شيخ رشيد آزاد

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد کي نوَ مئي وارن واقعن جي سلسلي ۾ آزاد ڪري ڇڏيو.
شيخ رشيد خلاف نوَ مئي واري ڏينهن ڀڃ ڊاهه بابت ڪيس جي ٻڌڻي راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ملڪ اعجاز آصف ڪئي.
پراسيڪيوشن طرفان عدالت ۾ ڪو به پيش نه ٿيو جڏهن ته شيخ رشيد احمد جا وڪيل سردار عبدالرزاق ۽ سردار شهباز عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران شيخ رشيد جي وڪيلن طرفان ضمانت جي درخواست ڏني وئي جيڪا عدالت ٻه لک رُپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 12 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.