پاڪستان عام چونڊن بابت پرڏيهي خدشن کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان عام چونڊن بابت پرڏيهي خدشن کي رد ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته عام چونڊن تي مختلف ملڪن ۽ تنظيمن طرفان بيان ڏنا ويا، هو حيران آهن ته بيانن ۾ ناڪاري تاثر ڏنو پيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته هي ماڻهو چونڊ عمل جي مونجهارن کي نٿا ڄاڻن، هي بيان ان ترديد نه ٿيڻ جوڳي حقيقت کي نظر انداز ڪري رهيا آهن ته پاڪستان ۾ چونڊون پرامن ۽ ڪاميابيءَ سان ڪرايون ويون.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته چونڊن دوران پاڪستان سنگين سڪيورٽي خطرن کي منهن ڏنو آهي، ڪجهه بيان حقيقت تي ٻڌل به نه هئا، پولنگ ڏينهن ملڪ ۾ انٽرنيٽ بند نه هئي رڳو موبائل سروس دهشتگردي جي واقعن کان بچڻ لاءِ بند ڪئي وئي هئي.
ترجمان چيو ته ته ڪيترائي ماڻهو جيڪي خدشا ظاهر ڪري رهيا هئا اهي سب غلط هئا، پاڪستان هڪ مستحڪم ۽ جمهوري معاشري جي تعمير جي عزم تحت چونڊ ڪرائي.
ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان پنهنجي دوستن جي بهتر مشورن کي اهميت ڏيندو آهي پر چونڊ عمل جي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ناڪاري تبصرو ڪرڻ بي بنياد ۽ صحيح ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.