اتر وزيرستان ۾ فائرنگ سبب محسن داوڙ زخمي

ميران شاهه ( ويب ڊيسڪ ) اتر وزيرستان واري علائقي ميران شاهه ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ نيشنل ڊيموڪريٽڪ سربراهه ۽ اڳوڻو ايم اين اي محسن داوڙ زخمي ٿي پيو آهي.
محسن داوڙ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 140 تان اميدوار آهي ۽ هو پنهنجي ساٿين سان گڏ چونڊ نتيجن ۾ دير تي ميران شاهه ڪينٽ گيٽ آڏو احتجاج ڪري رهيو هو.
پوليس طرفان محسن داوڙ جي زخمي هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي مظاهرو ڪندڙن ٻڌايو ته اتر وزيرستان ۾ چونڊ نتيجن ۾ دير خلاف احتجاج ڪيو پئي ويو، پوليس فائرنگ ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته محسن داوڙ جي حالت خطري کان ٻاهر آهي جڏهن ته کيس ۽ سندس زخمي ساٿين کي ميران شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.