پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي ترجمان معظم بٽ چيو آهي ته حڪومت ٺاهڻ لاءِ اسان وٽ نمبر پورا آهن، آرٽيڪل 17 تحت پنهنجي اميدوار جو گروپ ٺاهي حڪومت قائم ڪري سگهون ٿا.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي معظم بٽ چيو ته وفاق ۽ صوبي ۾ اسان اڪثريتي پارٽي آهيون، ڪنهن سان اتحاد ڪري حڪومت ٺاهڻ بابت ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو.
هن چيو ته اليڪشن ڪميشن اسان جي اميدوارن کي آزاد چئي رهيو آهي پر پي ٽي آءِ جي نامزد اميدوارن نامزدگي ڪاغذن ۾ پي ٽي آءِ جو ئي حوالو ڏنو جڏهن ته پي ٽي آءِ پنهنجي اميدوارن کي ٽڪيٽون به جاري ڪيون هيون.
معظم بٽ ٻڌايو ته پي ٽي آءِ کي هنيئر تائين ڊي نوٽيفاءِ ناهي ڪيو ويو ۽ مخصوص سيٽن لاءِ به اسان فهرست ڏئي ڇڏي آهي.
پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته آئين تحت اسان مخصوص سيٽن کي ڪليم ڪري سگهون ٿا، پي ٽي آءِ جو وجود آهي، مخصوص سيٽن لاءِ پي ٽي آءِ فهرست تي اليڪشن ڪميشن غور ڪري.
Next Post
You might also like