2050ع تائين فالج سبب موت جي انگ ۾ 50 سيڪڙو واڌ جو امڪان

لنڊن (ويب ڊيسڪ) هڪ تازي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2050ع تائين عالمي سطح تي فالج سبب ٿيندڙ موتن جي شرح 50 سيڪڙو تائين وڌي سگھي ٿي.
ورلڊ اسٽروڪ آرگنائزيشن ۽ لانسيٽ نيورولوجي ڪميشن اسٽروڪ ڪوليبريشن گروپ موجب آبادي ۽ ماڻهن پوڙهي هجڻ سبب فالج جو سبب بڻجندڙ فالج جي ڪري ٿيندڙ موتن جو انگ 66 لک مان وڌي 2050ع تائين 97 لک تائين وڌي سگھي ٿو.
اين ايڇ ايس جي ويب سائيٽ موجب ڪجهه عملن جي ڪري فالج کان بچڻ هميشه ممڪن ناهي هوندو. انهن عملن ۾ عمر شامل آهي (گھڻو ڪري فالج جا واقعا 60 ۽ 70 جي ڏهاڪي ۾ پيش ايندا آهن) پر ان مان ڪو به شخص متاثر ٿي سگھي ٿو.
پر، انگن اکرن موجب اهڙيون ڪجهه شيون آهن جن کي اختيار ڪندي ان ڪيفيت کي گھٽائڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي خاص ڪري بلڊ پريشر، ٽائيپ ٽو شگر ۽ ڪولسٽرول کي ڪنٽرول ۾ رکندي.
لنڊن جنرل پريڪٽس جي ڊاڪٽر اينجلا راءِ موجب فالج تڏهن ٿيندو آهي جڏهن دماغ کي رت جي فراهمي بند ٿي ويندي آهي يا گھجي ويندي آهي.
هن چيو ته فالج جا ٻه قسم هجن ٿا. اسڪيمڪ اسٽروڪ جڏهن دماغ کي رت جو وهڪرو بيهجي ويندو آهي جڏهن ته ٻيو قسم هيمرج اسٽروڪ جنهن ۾ دماغ ۾ رت ڳڙهندو آهي. گھڻو ڪري فالج اسڪيمنڪ قسم جو هوندو آهي ۽ ان جو واسطو ڪِن مخصوص عملن سان هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.