رڳو 25 ووٽ، ضياءُ الحق جي پٽ کي عبرتناڪ شڪست

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن جي نتيجن جو سلسلو جاري آهي، جتي وڏا اپ سيٽ ٿي رهيا آهن، اتي ئي اڳوڻي صدر ۽ آمر ضياءُ الحق جي پٽ کي بدترين شڪست ملي آهي.
اليڪشن ڪميشن جي نتيجن موجب اين اي 55 راولپنڊي فور ۾ ن ليگ جو ابرار احمد 78 هزار 542 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، ان جي مقابلي ۾ آزاد اميدوار محمد راجا بشارت 67 هزار 101 ووٽ کنيا.
ان ئي تڪ ۾ اڳوڻي صدر ضياءُ الحق جو پٽ اعجاز الحق به بيٺو هو، جنهن کي رڳو 25 ووٽ مليا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.