ندا ياسر بزرگ عورت ۽ پنهنجو واقعو ٻڌائي لُڙڪ لاڙي ويٺي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور ميزبان ندا ياسر آمريڪا ۾ هڪ عورت سان ملاقات جو قصو بڻائيندي لڙڪ لاڙي ويٺي.
ندا ياسر هڪ شو دوران روئيندي ٻڌايو ته آئون هڪ ڀيرو شڪاگو ويس ته اتي هڪ تقريب ۾ 350 ماڻهو شريڪ هئا، ان تقريب ۾ ڪيتريون ئي عورتون مون سان ملڻ آيون جن مان هڪ بزرگ عورت مون کي ٻڌايو ته هو بلڪل اڪيلي آهي ۽ مون سان تمام گھڻو پيار ڪري ٿي ڇو جو آئون سندس اڪيلائپ ختم ڪندي آهيان.
ندا ياسر ٻڌايو ته آمريڪا ۾ ٿي سگھي ٿو ته اُها عورت ٻارن جي اسڪول يا آفيس وڃڻ کان پوءِ اڪيلي ٿي ويندي هجي، ان عورت سان ملي مون کي پنهنجي ماءُ ياد اچي وئي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ته اسان جي بزرگن وٽ پوءِ به مائٽ هوندا آهن پر پرڏيهه ۾ عورتون پنهنجن ٻارن جي وڃڻ کان پوءِ بلڪل اڪيليون ٿي وينديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.