امير حيدر هوتي شڪست تسليم ڪندي استعيفيٰ جو اعلان ڪري ڇڏيو

مردان (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي سينيئر نائب صدر امير حيدر خان هوتي اين اي 22 مردان ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار عاطف خان هٿان شڪست تسليم ڪندي استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ امير حيدر خان هوتي پارٽي جي سينيئر نائب صدر جي عهدي تان استعيفيٰ جو اعلان ڪندي عاطف خان ۽ ان ئي تڪ جي چونڊيل صوبائي اسيمبلي ميمبر عبدالسلام کي مبارڪباد ڏني.
هن چيو ته هاڻ مردان جي عوام جي نمائندگي اهي ٻئي ميمبر ڪندا ۽ اهو اسان جي تڪ جي عوام جو حق آهي ته چونڊيل نمائندا انهن جي خدمت ڪن، عوام جو فيصلو تسليم ڪيون ٿا.
سندس چوڻ هو ته اباڻي ضلعي مردان جي سڀني تڪن تي اي اين پي جي شڪست جي ذميواري کليل دل سان تسليم ڪيان ٿو، منهنجي تڪ ۽ مردان جي عوام جيڪڏهن اعتماد نه ڪيو ته شڪست جي ذميواري قبول ڪندي پارٽي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر جي عهدي تان استعيفيٰ جو اعلان ڪيان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.