اليڪشن 2024ع جا نتيجا، ڪهڙن اميدوار شڪست تسليم ڪئي؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ اليڪشن 2024ع کانپوءِ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ ڪيئي مضبوط اميدوارن کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو آهي ۽ انهن ۾ ڪجهه پنهنجي شڪست قبول ڪري ورتي آهي.
لاهور جي تڪ اين اي 122 ۾ وڏو اپ سيٽ ٿي ويو، جتي ن ليگ جي خواجا سعد رفيق کي شڪست ٿي آهي.


اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل عبوري نتيجي موجب، پي ٽي آءِ جو حمايت يافته اميدوار سردار لطيف کوسا هڪ لک 17 هزار 109 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته خواجا سعد رفيق 77 هزار 709 ووٽ کنيا.
ان حوالي سان ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا سعد رفيق، سردار لطيف کوسا کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.
اڳوڻي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر به سوشل ميڊيا تي بيان ۾ اسلام آباد جي تڪ اين اي 47 ۽ اين اي 48 تي شڪست تسليم ڪئي.


اڳوڻي سينيٽر پنهنجي شڪست کي دل سان قبول ڪندي چيو ته اِهو ڏسي افسوس ٿئي ٿو ته پي ٽي آءِ اميدوار علي بخاري اسلام آباد جي تڪ اين اي 48 تي هارايو ويو آهي جڏهن ته هو واضح طور تي کٽي رهيو هو، اهڙي طرح شعيب شاهين به اين اي 47 تي واضح اڪثريت سان کٽي چڪو آهي پر نتيجا سندس حوالي نه پيا ڪيا وڃن،اِهو عمل بدترين ڌانڌلي ۽ باهه سان کيڏڻ برابر آهي.
سرگوڌا مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 83 تي ٻين ڪيئي اميدوارن سان گڏ نون ليگ جي محسن نواز رانجها به ميدان ۾ هو پر سندس مقابلي ۾ آزاد اميدوار اساما احمد ميله ميدان ماري ورتو.
محسن نواز رانجها شڪست قبوليندي چيو ته اساما احمد ميله کي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجڻ تي دلي مبارڪباد آهي.


عوامي نيشنل پارٽي جي سينيئر نائب صدر امير حيدر خان هوتي مردان ۾ شڪست تسليم ڪندي پارٽي جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.


ڪي پي ڪي ۾ بونير مان صوبائي اسيمبلي جي سيٽ پي ڪي 25 تي پ پ اميدوار سويرا پرڪاش به ميدان ۾ لٿل هئي پر کيس ڪاميابي نه ملي سگهي.
صوبائي اسيمبلي جي تڪ تان آزاد اميدوار رياص خان 28 هزار کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏهن ته سويرا پرڪاش رڳو ساڍا سترنهن سئو ووٽ حاصل ڪيا.
سويرا پرڪاش سوشل ميڊيا تي تڪ جا نتيجا شيئر ڪندي عوام پاران حمايت ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.


سويرا پرڪاش بونير مان صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ پهرين هندو عورت آهي.
استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين کي ملتان ۾ قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 149 ۾ تحريڪ انصاف جي حمايت يافته اميدوار عامر ڊوگر شڪست ڏني.
عامر ڊوگر جي 78 هزار ووٽن جي مقابلي ۾ جهانگير ترين 27 هزار ووٽ حاصل ڪري سگهيو.


جهانگير ترين جي پٽ علي خان ترين سوشل ميڊيا تي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سندن مخالف پي ٽي آءِ حمايت يافته اميدوار عامر ڊوگر اين اي 149 ۾ بهترين چونڊ مهم هلائي، سندس مهم ڏاڍي منتظم ۽ اثرائتي هئي، هو ڪاميابي جو حقدار هو.
خيبرپختونخوا جي تڪ پي ڪي 83 تان چونڊ هارائيندڙ اميدوار ثمر هارون بلور گلدستو کڻي ڪامياب اميدوار مينا خان آفريدي جي رهائشگاهه پهچي وئي.


واضح رهي ته قومي اسيمبلي جي ڪيئي سيٽن جي نتيجن جو اعلان ٿيڻو آهي، ڪيترائي اهڙا اڳواڻ به آهن جن کي چونڊن ۾ شڪست ٿي چڪي آهي ۽ هو مختلف الزام مڙهي رهيا آهن جڏهن ته ڪجهه اميدوارن عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.