چونڊن بابت دٻاءُ صحت کي نقصان رسائي ٿو: تحقيق

سياسي چونڊن بابت دٻاءُ جسماني صحت تي ناڪاري اثر وجهي ٿو.
اها دعويٰ آمريڪا ۾ ڪجهه عرصو اڳ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.
نارٿ ڪيرولائنا يونيورسٽي جي ان تحقيق ۾ آمريڪا سان واسطو رکندڙ 140 بالغ ماڻهن کي شامل ڪيو ويو هو.
انهن ماڻ کان آمريڪا ۾ 2018ع ۾ ٿيل چونڊن کان مهينو اڳ ۽ چونڊن کان هڪ مهينو پوءِ آن لائين سروي ڪرائي وئي.
نتيجن مان خبر پئي ته ماڻهن پاران انهن ڏينهن ۾ ناقص جسماني صحت کي رپورٽ ڪيو ويو جڏهن ته کين لڳي رهيو هو ته ايندڙ ڏينهن ۾ هو سخت دٻاءَ کي منهن ڏيندا.
محققن موجب ان مان اشارو ملي ٿو ته چونڊن بابت دٻاءُ جسماني صحت تي اثرانداز ٿئي ٿو.
هنن ٻڌايو ته اها پهرين تحقيق آهي جنهن ۾ چونڊن سان سلهاڙيل دٻاءَ ۽ صحت بابت ناڪاري اثرن وچ ۾ واسطو ظاهر ڪيو ويو.
سندن چوڻ هو ته اڳ کان ثابت ٿي چڪو آهي ته دٻاءَ سان صحت تي ناڪاري اثر پون ٿا، پر نتيجن مان خبر پوي ٿي ته مستقبل ۾ دٻاءَ محسوس ڪرڻ جو خيال به صحت کي نقصان پهچائي ٿو.
محققن موجب ان تحقيق ۾ ماڻهن پنهنجي مرضي بابت پاڻ رپورٽ ڪيو پر دٻاءَ جي جسماني صحت ۽ شخصيت تي ناڪاري اثر اڳ ئي ثابت ٿي چڪا آهن.
پر سٺي ڳالهه اها آهي ته اهڙي دٻاءَ کان صحت کي محفوظ رکڻ گھڻو ڏکيو ناهي.
محققن ٻڌايو ته چونڊن بابت دٻاءَ عام نتيجن سان سلهاڙيل آهي ۽ ان حوالي سان تنقيدي سوچ اختيار ڪرڻ سان صحت کي نقصان کان بچائڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.
يعني نتيجن بابت تجزيو ڪرڻ سان دماغ کي نئين مصروفيت ملي وڃي ٿي جنهن سان دٻاءَ جو احساس گھٽجي وڃي ٿو.
محققن موجب چونڊن بابت دٻاءَ جو خيال اسان جي صحت کي متاثر ڪري سگھي ٿو، پر ان کان بچڻ اوهان جي پنهنجي هٿ آهي.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل سائڪولوجيڪل رپورٽس ۾ ڇپيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.