پ پ عمرڪوٽ جي ٽن صوبائي تڪن تي ميدان ماري ورتو

عمرڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ چونڊ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي، پيپلز پارٽي عمرڪوٽ جي 3 صوبائي تڪن تي ميدان ماري ورتو.

غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پي ايس 49 پٿورو-سامارو تي پ پ سردار شاهه 56 هزار 791 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي جڏهن ته سندس مخالف اميدوار جي ڊي اي جو فقير خضر حيات مڱريو 21 هزار 390 ووٽ کڻي سگھيو.

پي ايس 50 عمرڪوٽ جي غيرسرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پ پ اميدار امير علي شاهه 59 هزار 231 ووٽ کڻي کٽي ويو جڏهن ته سندس مخالف اميدوار جي ڊي اي اميدوار فقير غلام نبي منڱريو 17 هزار 121 ووٽ کڻي هارائي ويو.

پي ايس 51 ڪنري جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پ پ اميدوار دوست محمد ٽالپر 58 هزار 958 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏهن ته سندس مخالف اميدوار جي ڊي اي جو دوست محمد ميمڻ 27 هزار 725 ووٽ کڻي سگهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.