”صدر پنهنجا اختيار استعمال ڪندي عمران خان کي آزاد ڪري“

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 122 تان ڪامياب پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوار سردار لطيف کوسا پي ٽي آءِ باني جي آزادي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
صحافين سان ڳالهائيندي سردار لطيف کوسا چيو ته ڌانڌلي جو عنصر موجود آهي، اسان عدالتن ۾ وينداسين، سياسي مخالف پنهنجي ڏاڙهي ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾ نه ڏين.
هن مطالبو ڪيو ته عمران خان کي آزاد ڪيو وڃي، اسان کي اوڀر پاڪستان مان سبق سکڻ گهرجي، سڀ 1971 مان سبق سکن.
سندس چوڻ هو ته 25 ڪروڙ عوام فيصلو ڏنو آهي، صدر پنهنجا اختيار استعمال ڪندي عمران خان کي آزاد ڪري، عمران خان بنا ڪو نظام نٿو هلي سگهي، اسان سنگل لارجسٽ پارٽي آهيون، پنجاب ۽ مرڪز ۾ حڪومت ٺاهينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.