اداڪارا صنم جنگ جي آمريڪا مان روئيندي وڊيو وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور پاڪستاني ميزبان ۽ ادڪارا صنم جُنگ آمريڪا ۾ لڙڪ لاڙيندي پنهنجي وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي.

صنم جنگ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجي وڊيو پوسٽ ڪئي جيڪا آمريڪا ۾ گھاريل سندس زندگي جي ڪجهه لمحن بابت بڻائي وئي آهي، ان وڊيو ۾ اداڪارا کي روئيندي به ڏسي سگھجي ٿو.

وڊيو جي بيڪ گرائونڊ ۾ جذباتي آڊيو لڳائي وئي آهي.

صنم جنگ وڊيو پوسٽ ڪندي چيو ته مليل جُليل جذبا آهن، ڪو وقت هوندو آهي جو اوهان ڪٿي پري وڃڻ چاهيندا آهيو ۽ پوءِ اسان جي زندگي ۾ ڪو وقت اهڙو به ايندو آهي جڏهن اسان پنهنجو سڪون ڳوليندا آهيون.

اداڪارا چيو ته بيشڪ خراب ڏينهن کان پوءِ سٺا ڏينهن به ايندا آهن پر ڏکين حالتن مان گذرندڙ ماڻهن کي مون پاران تمام گھڻو پيار.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Sanam Jung (@jung_sanam)

هن وڌيڪ چيو ته اها وڊيو انهن ماڻهن جي نالي آهي جيڪي پنهنجن کان پري پرڏيهه ۾ زندگي گھارين پيا.

واضح رهي ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ صنم جنگ سوشل ميڊيا تي اعلان ڪيو هو ته هوءَ پاڪستان ڇڏي آمريڪا لڏي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.