صائم ايوب، رضوان طرفان مليل ” سپر اسٽار “ وارو لقب رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان اوپننگ بيٽر صائم ايوب وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان طرفان ڏنل ” سپر اسٽار “ وارو لقب رد ڪري ڇڏيو.
ڪِرڪ انفو کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ نوجوان اوپنر صائم ايوب چيو ته نيوزيلينڊ جي دوري دوران ۽ بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ ناڪامين مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي، پنهنجي راند ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.
هن چيو ته هو شروعاتي ناڪامين باوجود مايوس نه پر خوش آهي ۽ هڪ بهتر ڪرڪيٽر بڻجي ٽيم ۾ واپس ايندو.
سندس چوڻ ٽيسٽ ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ بنيادي هدف آهي، ٽيسٽ ڪرڪيٽ ئي اِهو فارميٽ آهي جتي ٽيڪنيڪلي مسئلن تي ڪم ڪري سگهجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.