تسليم ڪرڻو پوندو سڀ کان وڌيڪ ووٽ پي ٽي آءِ باني کي مليا: مفتاح اسماعيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري واري مفتاح اسماعيل چيو آهي ته ٽرينڊ پي ٽي آءِ جي فيور ۾ ٿي ويو آهي، نتيجن مان لڳي رهيو آهي ته پي ٽي آءِ سڀ کان وڏي پارٽي آهي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته نتيجا غير امڪاني آهن، ڪالهه جي نتيجن موجب ن ليگ جي اهم سيٽن تي به پي ٽي آءِ اڳتي هئي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ نه رڳو خيبر پختونخواهه پر پنجاب ۾ به سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو، ن ليگ کي پي ڊي ايم جي حڪومت دوران ڪارڪردگي ٻوڙيو.
سندس چوڻ هو ته تسليم ڪرڻو پوندو سڀ کان وڌيڪ ووٽ پي ٽي آءِ باني کي مليا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.