اڏاوت هيٺ ڪاليج مان ٻي عالمي جنگ جو بم هٿ

فلوريڊا (ويب ڊيسڪ) فلوريڊا هوائي اڏي ويجهو اڏاوت هيٺ ڪاليج جي ڪميپس ۾ ڪم ڪندڙ اڏاوتي ڪمپني جي عملي کي ٻي عالمي جنگ جو غير فعال بم هٿ اچي ويو.
هرنانڊو ڪائونٽي شيرف آفيس موجب عملو بروڪس ول ۾ اڏاوت هيٺ ولٽن سمپسن ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ ڪم ڪري رهيو هو ته ان کي بم هٿ آيو.
حفاظتي قدم کڻندي شيرف آفيس علائقي کي سيل ڪري ڇڏيو.
ڌماڪيدار مواد جي ماهرن موجب اهو ٻي عالمي جنگ جو 453 ڪلو وزني مارڪ 65 بم غير فعال هو.
شيرف آفيس موجب بم کي ٽيمپا جي ميڪ ڊِل ايئرفورس بيس جي ڪنهن اهلڪار جي ذريعي زيان ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.