ڪراچي ۾ ڪنهن کٽيو ڪنهن هارايو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ووٽن جي ڳڻپ کان پوءِ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي، ڪراچي ڊويزن جي 4 ضلعن جا نتيجا اڃا ناهن اچي سگھيا، جڏهن ته صوبائي اسيمبلي جي 7 تڪن امن ڇهن جو نتيجو اچي ويو آهي.
غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ڪورنگي ضلعي ۾ قومي اسيمبلي جي ٽن تڪن مان 1سيٽ تي ايم ڪيو ايم جِي اميدوار آسيه اسحاق ڪامياب آهي جڏهن ته ڪورنگي مان صوبائي سيٽ تي پ پ اميدوار فاروق اعواڻ کٽي ويو آهي.
غير سرڪاري ۽ غريب حتمي نتيجن موجب ڪورنگي مان گڏيل طور تي صوبائي تڪن تي ايم ڪيو ايم جا 2 اميدوار، 2 آزاد ۽ جماعت اسلامي جو هڪ اميدوار ڪامياب آهن، ملير ضلعي مان پ پ قومي اسيمبلي جون ٽئي سيٽون ٻـُهاري وئي، ملير جي ڇهن صوبائي تڪن مان 5 تي پ پ کٽي ورتيون جڏهن ته هڪ تي آزاد اميدوار کي ڪاميابي ملي آهي.
ڪراچي ڊويزن جي 4 ضلعن ڏکڻ، ڪياماڙي، سينٽرل، اوڀر ۽ اولهه ضلعن جا چونڊ اڃا تائين نتيجا تائين نه اچي سگهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.