جماعت اسلامي جي امير کي پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا آزاد اميدوار مات ڏئي ڇڏي

لوئر دير ( ويب ڊيسڪ ) جماعت اسلامي جو امير سراج الحق کي به عام چونڊن ۾ شڪست ملي آهي.
غير حتمي غير سرڪاري نتيجن موجب، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق لوئر دير مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 6 واري سيٽ ڪامياب نه ٿي سگهيو.
اين اي 6 تان پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا آزاد اميداور سراج الحق کي شڪست ڏني.
جماعت اسلامي جو امير 52545 ووٽ حاصل ڪري سگهيو جڏهن ته پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوار بشير خان 76295 ووٽن سان فاتح رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.