لاهور: شهباز شريف قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ ٻُهاري ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف لاهور مان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ کٽي ورتي.
لاهور جي تڪ اين اي 123 جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب ن ليگ جو شهباز شريف 63953 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته آزاد اميدوار افضال عظيم 48486 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
ائين پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 158 جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب شهباز شريف 38642 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو، جڏهن ته آزاد اميدوار چوڌري يوسف علي 23847 ووٽ کنيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.