نون ليگ قومي اسيمبليءَ ۾ اڪيلي وڏي جماعت طور اُڀري آهي: اسحاق ڊار جي دعويٰ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ناڻي واري وزير ۽ نون ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ نون قومي اسيمبليءَ ۾ اڪيلي سڀ کان وڏي سياسي جماعت طور اُڀري آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ اسحاق ڊار چيو چونڊ نتيجن بابت عوام کي اڳواٽ ئي ڄاڻ هئي.


هن دعويٰ ڪئي ته نون ليگ الڪيشن سيل جي مرتب ڪيل انگن اکرن پٽاندڙ پاڪستان مسلم ليگ ون قومي اسيمبلي ۾ اڪلي سڀ کان وڏي سياسي جماعت ۽ پنجاب واضح اڪثريت واري پارٽي طور اُڀري آهي.
هن چيو ته وقت اڳ ۽ تعصباڻي اڳڪٿين کان پاسو ڪرڻ گهرجي ڇو ته اسان اليڪشن ڪميشن جي مڪمل سرڪاري نتيجن جو انتظار ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.