”آصف زرداري آزاد اميدوارن کي شامل ڪرڻ جو وڌيڪ تجربو رکي ٿو“

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار چيو آهي ته پنجاب ۾ اسان اڪثريتي جماعت آهيون ۽ اميدوارن اسان سان رابطو ڪيو آهي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته موبائل فون سروس جي بندش سبب نتيجا اچڻ ۾ دير ٿي، جيڪو نه ٿيڻ گهرجي ها، جڏهن نتيجا گهٽ اچي رهيا هئا، تڏهن به ن ليگ اڳتي هئي، هاڻ به کوڙ نتيجا رهيل آهن، جلد صورتحال واضح ٿي ويندي.
هن چيو ته آئين موجب آزاد اميدوار کي 72 ڪلاڪن ۾ ڪنهن پارٽي سان ملڻو هوندو آهي، اسان زبردستي ته نٿا ڪري سگهون، جيڪو ايندو ڏسنداسين، ماڻهو شموليت لاءِ اسان سان رابطو ڪري رهيا آهن.
آزاد اميدوارن جي پارٽي ۾ شموليت جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته آصف زرداري ان جو وڌيڪ تجربو رکي ٿو.
اسحاق ڊار دعويٰ ڪئي ته قومي اسيمبلي جي سيٽن جي لحاظ سان ن ليگ سڀ کان وڏي جماعت آهي، پنجاب ۽ وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ پراميد آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.