پ پ کي سنڌ اسيمبليءَ ۾ سادي اڪثريت حاصل، نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ عام چونڊن ۾ پولنگ کانپوءِ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبلي ۾ 72 سيٽون کٽي ورتيون آهن.
عام چونڊن2024ع جي پولنگ کانپوءِ صوبائي اليڪشن ڪميشن مان سرڪاري نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي.
عام چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل خميس جي ڏينهن صبح اٺ وڳي کان شام پنجين وڳي تائين جاري رهيو ۽ ڪروڙين ماڻهن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو.
اليڪشن ڪميشن سنڌ طرفان 130 سيٽن مان 87 سيٽن جا نتيجا جاري ڪيا ويا آهن.
سرڪاري نتيجن موجب، پاڪستان پيپلز پارٽي 72 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪري سڀني کان اڳتي آهي.
ايم ڪيو ايم۽ آزاد اميدوارن 6، 6 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي
سرڪاري نتيجن موجب، جي ڊي اي اميدوارن کي 2 ۽ جماعت اسلامي 1 سيٽ ڪامياب ملي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.