نتيجا ٻڌائين ٿا ته چونڊون شفاف ٿيون: نگران حڪومت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران گهرو وزير گوهر اعجاز چيو آهي ته عام چونڊن ۾ ايڏي وڏي انگ ۾ آزاد اميدوارن جي کٽڻ سان خبر پئي ٿي ته چونڊون شفاف ٿيون آهن.
اسلام آباد ۾ اطلاعات واري نگران وزير مرتضيٰ سولنگي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي گوهر اعجاز چيو ته چونڊن جا ڪجهه نتيجا اچي ويا آهن، ڪجهه اڃا باقي آهن، ايڏي وڏي انگ ۾ آزاد اميدوارن جي کٽڻ سان خبر پئي ٿي ته چونڊون شفاف ٿيون آهن.
هن چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ عوام وڌ کان وڌ ووٽ هڪ جماعت جي آزاد اميدوارن کي ڏنو آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ به عوام آزاد اميدوارن کي ووٽ ڏنو آهي.
سندس موجب اسان واعدو ڪيو هو ته اليڪشن ڪميشن جي اعلانيل تاريخ تي ئي چونڊون ڪرائينداسين ۽ ڪالهه چونڊون ٿي ويون، اسان کي چونڊ عمل مڪمل ٿيڻ تي خوشي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.