روسي صدارتي چونڊون، پيوٽن جو وڏو مخالف ميدان کان ٻاهر

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي اليڪشن ڪميشن ايندڙ مهيني ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ صدر پيوٽن جي مخالف بورس نيديزدين ( Boris Nadezhdin) جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا.
روسي ۾ ايندڙ مهيني صدارتي چونڊون ٿيڻيون آهن جن ۾ جنگ مخالف بورس نيديزدين روسي صدر پيوٽن جو مضبوط مخالف سمجهيو پيو وڃي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اليڪشن ڪميشن اختيارين جو چوڻ آهي ته بورس نيدريزدين جي نامزدگي ڪاغذن ۾ غلطيون هيون.
واضح رهي ته بورس نيديزدين پيوٽن جي جنگي پاليسي تي سخت تنقيد ڪندو رهيو آهي، هن اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف اپيل به ڪئي هئي پر اُها به رد ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.