نئون ديرو)ويب ڊيسڪ ) پولنگ اسٽيشن گورنمنٽ پرائمري اسڪول نمبر ٿري نئون ديرو ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو
ان موقعي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن عوام کي اپيل ڪئي وڌ کان وڌ ٻاهر نڪري ووٽ ڪاسٽ ڪريو، مستقبل جو فيصلو توهان جي هٿ ۾ آهي.
هن موبائل سروس بند ڪرڻ جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته اليڪشن ڪميشن، عدالتن ۽ گهرو وزارت کان سروس فوري بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪريان ٿو، ملڪ ۾ ووٽر ٽرن آئوٽ تي ان جو اثر ٿيندو ۽ رابطن تي اثر پوندو .
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آر او سان ويٺل ايجنٽن کي فارم 45 ۾ ڏکيائي ٿيندي ۽ اسان تائين پهچڻ ۾ به ڏکيائي ٿيندي.
پ پ چيئرمين چيو ته پاڪستاني عوام جو اهو حق آهي ان ڪري موبائل سروس فوري بحال ڪئي وڃي.
انشاءَ الله منهنجو مينڊيٽ ڪنهن کي به نٿو ڏئي سگهجي جنهن انداز ۾ ماڻهون ووٽ ڏيڻ لاءِ بيٺا آهن انشاءَ الله پ پ ضرور ڪامياب ٿيندي.
You might also like