پي ٽي آءِ ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس بندش خلاف اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف به انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سروس بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ اليڪشن رابطا سيل، اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو آهي.
پي ٽي آءِ اليڪشن رابطا سيل جي انچارج بئرسٽر علي طاهر اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو.
خط ۾ چيو ويو آهي ته انٽرنيٽ سروس معطل ٿيڻ سبب شهري پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
خط جي متن موجب، انٽرنيٽ سروس معطل ڪري شهرين کي بنيادي حقن کان محروم ڪيو پيووڃي.
خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي قانوني ذميواري آهي.
خط ۾ فوري طور سموري ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.