ويوو جو بهترين ڪيمرا وارو فون متعارف

سمارٽ فون ٺاهيندڙ چيني ڪمپني ويوو بهترين ڪيمرا وارو وي 30 فون متعارف ڪرائي ڇڏيو، جنهن کي معياري فون قرار ڏنو پيو وڃي.
فون جي بيڪ ۽ فرنٽ تي 50 ميگا پڪسل جي ڪيمرا ڏني وئي آهي جڏهن ته فون ۾ فنگر پرنٽ سينسر سوڌو ٻيا سيڪيورٽي فيچرز به ڏنا ويا آهن.
ويوو وي 30 کي 78-6 انچن جي اسڪرين ۽ اينڊرائيڊ 14 آپريٽنگ سسٽم جڏهن ته سنيپ ڊريگن جي چپ سان ليس ڪيو ويو آهي.
فون کي 8 ۽ 12 جي بي ريم جڏهن ته 128 ۽ 256 جي بي ميموري جي ماڊلز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
ويوو وي 30 جي بيڪ تي ٻه 50 ميگا پڪسل جون ڪيمرائون ڏنيون ويون آهن.
اهڙي طرح فرنٽ تي 50 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڊوئل فليشر سان گڏ ڏني وئي آهي، ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ڪيمرا ٽيڪنالاجي کي اپگريڊ ڪري ان ۾ نوان فيچرز به ڏنا ويا آهن.
فون ۾ 5 هزار ايم اي ايڇ جي بيٽري کي 80 واٽ چارجر سان گڏ متعارف ڪرايو ويو آهي.
ڪمپني فون جي قيمت جو اعلان اڃا ناهي ڪيو، پر خيال ظاهر ڪيو پيو وڃي ته فون جي قيمت 90 هزار روپين کان شروع ٿي هڪ لک 30 هزار روپين تائين ٿي سگھي ٿي.
فون جي 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي ميموري واري ماڊل جي قيمت 90 هزار جڏهن ته 12 جي بي ريم ۽ 256 جي بي ميموري واري ماڊل جي قيمت هڪ لک 30 هزار روپين تائين هجڻ جو امڪان آهي، پر ان حوالي سان ڪجهه به چوڻ اڳڪٿي آهي.
ڪمپني فون کي هڪ ئي وقت پاڪستان، ڀارت، ملائيشيا، گڏيل عرب امارتن (يو اي اِي) سوڌو ٻين ملڪن ۾ پيش ڪيو آهي ۽ سڀني ملڪن ۾ ان جي قيمت مختلف رکي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.