پ پ جي شڪايتي سيل جو اجلاس، چونڊن بابت حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏني وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي مرڪزي اليڪشن سيل طرفان شڪايتي سيل جو اجلاس ٿيو.
پ پ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سينيٽر تاج حيدر جي سربراهي ۾ شڪايتي سيل جو پهريون اجلاس ميڊيا سيل بلاول هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ سيل جي ميمبرن سينيٽر رخسانا زبيري، ميڊيا سيل بلاول هائوس جي انچارج سريندر ولاسائي ۽ لال بخش ڀٽو شرڪت ڪئي.
شڪايتي سيل جا سمورا ميمبر سڀاڻي پولنگ جي ڏينهن صبح 8 وڳي کان ڪئمپ آفيس، ميڊيا سيل ۾ موجود هوندا، اجلاس ۾ پولنگ جي ڏينهن جي حوالي سان اليڪشن سيل جي حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏني وئي.
تاج حيدر چيو ته پ پ اميدوار ۽ انهن جا پولنگ ايجنٽ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ جي صورت ۾ شڪايتي سيل کي آگاهه ڪن، اهي اليڪشن سلي جي ميمبرن سان ٽيليفون نمبرن تي رابطو ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.