ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا حرا ترين چيو آهي ته پاڪستان ۾ جيڪي مزا عورتن جا آهن، عورتن جا اهڙا مزا ڪٿي به نه آهن.
حرا ترين پنهنجي تازي انٽرويو ۾ مختلف معاملن تي ڳالهائڻ سوڌو عورتن جي مسئلن تي به کُلي ڪري ڳالهائيندي چيو ته اها ناانصافي هوندي ته رڳو عورتن بابت ڳالهايو وڃي ۽ مردن جي مسئلن جي ڳالهه نه ڪئي وڃي.
اداڪارا انٽرويو ۾ اعتراف ڪيو ته کيس عورت مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ملي هئي پر هن ان ۾ شرڪت نه ڪئي، ڇو جو هاڻي ان مارچ جا مختلف مقصد آهن، اُهو رڳو عورتن جي حقن ۽ خود مختياري لاءِ ناهي.
اداڪارا چيو ته اها حقيقت آهي ته پاڪستان ۾ جيڪي مزا عورتن جا آهن اُهي مزا ٻيو ڪٿي به نه آهن.
اداڪارا ان تي وضاحت ڪئي ته پاڪستان ۾ عورتن جي عزت ڪئي ويندي آهي، کين اهميت ڏني ويندي آهي.
حرا ترين وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن هوءَ بولڊ لباس پهريندي ته يقيني طور تي ماڻهو هن کي ڏسندا پر مردن جي ڏسڻ جو مطلب اهو ناهي ته اُهي هر وقت گندين نظرن ۽ سوچ سان ڏسن.
اداڪارا جو چوڻ هو ته ڪجهه مرد ان ڪري به عورتن کي بولڊ لباس ۾ ڏسندا ته اُهي ڪٿان آيون آهن ڪير آهن، وغيرا.
You might also like