اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن جي سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ ڪوئيڪ ريسپانس فورس جا هڪ لک 6 هزار 942 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.
23940 اهلڪار مستقل طور اليڪشن دوران ڊيوٽي انجام ڏيندا، پاڪ فوج ۽ سول آرمڊ فورسز جا 130882 اهلڪار اليڪشن ڊيوٽي تي مقرر هوندا.
سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور تي 465736 اهلڪار مقرر هوندا، پنجاب ۾ امن امان جي صورتحال يقيني بڻائڻ لاءِ پوليس جا 216000 اهلڪار مقرر هوندا.
سنڌ ۾ 110720، خيبر پختونخواهه ۾ 92535 اهلڪار فرض انجام ڏيندا، جڏهن ته بلوچستان ۾ 46481 اهلڪار اليڪشن ڊيوٽي تي مقرر هوندا.
Next Post
You might also like