شڪارپور: اليڪشن ڊيوٽي نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شڪارپور جي ڊپٽي ڪمشنر الطاف احمد چاچڙ اليڪشن جي ڊيوٽي نه ڪندڙن ملازمن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي .

ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور, ايس ايس پي شڪارپور کي خط لکي 225 ملازمن خلاف ايف آءِ آر درج ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آھي.

خط ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته 3 فيبروري ته انهن ملازمن کي عدالتي حُڪم تي اليڪشن جو سامان فراهم ڪرڻ لاء گهرايو ويو هو جيڪي غير حاضر رهيا .

غير حاضر ملازمن جون پرزائيڊنگ آفيسر، اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر، پولنگ آفيسر جي عهدن تي ڊيوٽيون لڳل آهن.

غير حاضر ملازمن ۾ ايڇ ايس ٽي، جي ايس ٽي، پي ايس ٽي، پروفيسر ۽ اسسٽنٽ پروفيسر شامل آهن.

غير حاضر ملازمن جون شڪارپور جي قومي تڪ 193 ڳڙھي ياسين ۽ لکي غلام شاه ۾ ڊيوٽيون لڳايون ويون هيون .

ڪيترن ئي ماسترن جو مستقل غير حاضر رهڻ جو انڪشاف ٿيو آھي .

ڊپٽي ڪمشنر پاران ايس ايس پي شڪارپور کي اهڙو خط لکي غير حاضر رهندڙ ملازمن جي لسٽ جاري ڪرڻ بعد تعليم کاتي جي آفيسرن ۽ غيرحاضر رهندڙ ملازمن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.