ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) شادي شدهه شخص سان لاڳاپا سامهون اڄڻ کان پوءِ مس جاپان جو ٽائيٽل کٽيندڙ يوڪرين ڄاول جپاني ناري 22 ورهين جي ڪيرولينا شينو مس جاپان جو تاج واپس ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪيرولينا شينو گذريل مهيني 22 جنوري تي مس جپان چونڊجي وئي هئي ۽ سندس چونڊ تي ڪيترن ئي مقامي ماڻهن ڪاوڙ جو اظهار به ڪيو هو ته ڄاڻايل ناري جپاني نسل جي ناهي.
مس جپان جو ٽائيٽل کٽڻ کان پوءِ پنهنجي تقرير ۾ ڪيرولينا شيز به ان ڳالهه تي افسوس ڪيو هو ته کيس اڄ تائين جپاني تسليم ناهي ڪيو ويو پر هاڻي کيس ٽائيٽل ڏئي جپاني تسليم ڪيو ويو آهي.
ناريءَ جي مس جپان چونڊجڻ کان پوءِ تڪرار شروع ٿيو ويو، هڪ پاسي ماڻهو کيس غير مقامي قرار ڏئي رهيا هئا ته ٻي پاسي وري ماڻهو هن خلاف دعويٰ ڪئي هئي ته هوءَ لاڳاپن ۾ آهي.
شادي شدهه مرد سان لاڳاپن جي دعويٰ سامهون اچڻ بعد ڪيرولينا شينو اهڙيون دعوائون رد ڪندي چيو هو ته هوءَ ڄاڻايل شخص کي نٿي سڃاڻي پر ان کان پوءِ جپان جي مشهور رسالي سندس لاڳاپن جا مڪمل تفصيل شيئر ڪيا، جنهن تي هن تاج واپس ڪري ڇڏيو.
ڪيرولينا تسليم ڪيو ته هوءَ هڪ شادي شدهه ۽ ٻارن جي پيءُ سان لاڳاپن ۾ رهي ۽ هن لاڳاپن کي ڳجهو رکيو جڏهن ته هن مداحن کان معافي به ورتي.
واضح رهي ته جپان جيان گھڻي خوبصورتي جي مقابلن ۾ حصو وٺندڙ عورتن کي شادي يا جنسي لاڳاپا رکڻ جي اجازت ناهي هوندي، اهڙين عورتن کي حسن جي مقابلي جو حصو ناهي بڻايو ويندو.
You might also like