جاتي: چونڊن جي ڊيوٽي تي غير حاضر ملازمن جا وارنٽ جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جاتي جي آر او، چونڊن جي ڊيوٽي تي غير حاضر رهڻ تي 3 سو کان وڌيڪ ملازمن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

اسٽنٽ ڪمشنر وجاھت غفور ميراڻي، اليڪشن ڊيوٽي تان غير حاضر رهندڙ ميڊيڪل آفيسر ، استادن سميت ٻين ملازمن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.

آر او، وجاھت غفور ميراڻي هڪ رٽائر ملازم تيلارم جا به غير حاضر ڄاڻائيندي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

اسٽنٽ ڪمشنر وجاھت غفور ميراڻي طرفان ايس ايس پي سجاول کي 300 سو کان وڌيڪ ملازمن جي گرفتاري جو ليٽر جاري ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.