ٽن سالن تائين خاموش رهڻ جي آڇ ڪئي وئي، عمران خان جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان انڪشاف ڪندي چيو آهي ته آرمي چيف ملڪ جي 25 ڪروڙ عوام بابت سوچي، مون کي ٽن سالن تائين خاموش رهڻ ۽ بني گالا ۾ ويهڻ جي آڇ ڪئي وئي.
اڊيالا جيل ۾ عدت ۾ نڪاح واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران صحافين سان غيررسمي گفتگو ڪندي پي ٽي آءِ باني آرمي چيف کان مطالبو ڪندي چيو ته هو ملڪ جي 25 ڪروڙ عوام بابت سوچي، هي ملڪ جي مستقبل جو معاملو آهي ٻي صورت ۾ تاريخ اوهان کي معاف نه ڪندي.
هن چيو ته جهڙي طرح هو اليڪشن ڪرائي رهيا آهن ملڪ جي معيشت تباهه ٿي ويندي.
عمران خان چيو ته هن ٽن سالن تائين سياست کان پري ۽ بني گالا ۾ خاموش ويهڻ عيوض ڪيسن ۾ بري ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي پر مون انڪار ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ باني چيو ته اِها آڇ ان وقت ڪئي وئي جڏهن اٽڪ جيل ۾ بند هيس، ان پيغام سان اسٽيبلشمينٽ جا شرط سامهون آيا ته واري واري سان کيڏو، پهريان تون مزو وٽ پوءِ اسان وٺنداسين.
سندس چوڻ هوته مضبوط جهموريت کانسواءِ ڪنهن به ملڪ جي معيشت ۾ سڌارو ممڪن ناهي ، انٽرا پارٽي چونڊون ملتوي انڪري ڪيون ڇو ته اسان جا ماڻهو اڃا روپوش آهن.
هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته بشريٰ بي بي بنا پڇڻ جي ڇهن ڪلاڪن تائين ويهاريو ويو ۽ پوءِ کيس بني گالا وٺي ويا، معاهدو هجي ها ته ڇا هوءَ پاڻ جيل اچي ها؟ ها باقي نواز شريف جا ڪيس ختم ڪرڻ ڊيل هئي.
هن چيو ته صاف ۽ شفاف چونڊن کانسواءِ ڪا به ڊيل منظور ناهي، بشريٰ بي بي کي بني گالا ۾ هڪ ڪمري تائين محدود ڪيو ويو آهي، ڪمري جا شيشا بند ڪيا ويا آهن، اتان کان ته جيل ۾ بهتر آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.